دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو

دلشاد چاوڙو: شاعر، اديب ۽ سياسي ڪارڪن دلشاد چاوڙي پھرين جنوري 1964ع تي ھيري چاوڙي جي گهر بدين شھر ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو مائو چاوڙو آھي. پاڻ صغير ئي ھو ته سندس والد اتان لڏي اچي ڪڙئي گھنور ۾ ويٺو، جتي ھن اٺين درجي تائين تعليم حاصل ڪئي. غربت سبب وڌيڪ پڙھي نه سگهيو ۽ پورھيو ڪرڻ لڳو. انهن ڏينھن کان ئي سندس تعلق عوامي تحريڪ سان جڙيو، جنھن جي اسٽڊي سرڪل منجهس لکڻ جي صلاحيت پيدا ڪئي. شروع ۾ شاعري ۽ پوءِ نثر طرف سندس لاڙو ٿيو. مختلف ادبي رسالن ’وينجهار‘، ’ڪينجهر‘، ’سنجها‘، ’عبرت مئگزين‘ ۽ ٻين ۾ سندس شاعري ۽ مضمون ڇپيا. ھن پنھنجي والد جي نالي سان ھيرو چاوڙو پبليڪيشن، ڪڙئي گھنور جو بنياد وڌو، ۽ ڪجهه ڪتاب ڇپرايا. 1983ع ۾ ايم.آر.ڊي تحريڪ دوران جيل ويو ۽ ستن مھينن تائين قيد رھيو. فاضل راھو جي شھادت بعد سياست کان پاسيرو ٿي ويو. 1988ع کان ’سنڌي ادبي سنگت‘ سان لاڳاپيل آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’ڪڙيو گھنور جو تاريخي پس منظر‘ (2015ع)، ’سنڌو ماٿري جي ساڃاهه‘ (2017ع) ۽ ’ساحل ڏور اکين کان‘ (شاعري-2019ع) شامل آھن پاڻ ھن وقت ڪڙئي گهنور ۾ رھي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.01  عيسوي

شاعر، اديب ۽ سياسي ڪارڪن دلشاد چاوڙي پھرين جنوري 1964ع تي ھيري چاوڙي جي گهر بدين شھر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ظفر لغاري
آمنه بيبي
حسن وساڻ
نواز علي نياز جعفري
راجيش ڪمار پرسراماڻي
پرشوتم ڀڳوانداس
حڪيم قائم الدين مهر
بهادر خان کوکر
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
خانواڻي روچيرام تيرٿداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون